ايري/اِري

ايري/اِري

ايري اِري

ايري/اِري: سنڌ ۾ ٿيندڙ سارين جي مشھور جنس. 1960ع ڌاري فلپائن ۾، سارين جي نئين جنس تي تحقيق ڪرڻ لاءِ International Rice Research Institute يعني IRRI جي نالي سان، ھڪ عالمي تحقيقاتي مرڪز قائم ڪيو ويو، جنھن سارين جون ڪيتريون ئي جنسون ايجاد ڪيون، جن جا نالا ايجاد جي نمبر جي حساب سان، اري-1 (IRRI-1)، اري-2 (IRRI-2)، اري-3 (IRRI-3)، اري-4 (IRRI-4)، اري-5 (IRRI-5)، اري-6 (IRRI-6)، اري-7 (IRRI-7)، اري-8 (IRRI-8)، اري-9 (IRRI-9) وغيره رکيا ويا. سڄي دنيا وانگر سنڌ ۾ به سارين جون نيون جنسون آڻي ڪري پوکيون ويون، جيڪو سلسلو اڄ تائين جاري آھي. سنڌ جا ماڻھو ھن لفظ IRRI کي ٿوري بگاڙ سان ’ايري‘ ڪري سڏيندا آھن، جيئن: ايري-6 ۽ ايري-8 وغيره.


هن صفحي کي شيئر ڪريو